بهادر ٽوڙي

بهادر ٽوڙي (راڳڻي ): ٽوڙي ٺاٺ جي سمپورن راڳڻي آهي. هن راڳڻيءَ کي صرف مندر ۽ مڌ اسٿان جي سُرن ۾ ڳائڻ گهرجي. لئي بلمپت ۾ راڳ نکري بيهي ٿو. مڌم ۽ رکب جي سنگت رهي ٿي. هي راڳڻي بخشو نائڪ جي ايجاد آهي، جڏهن هو سلطان بهادر گجراتيءَ جي دربار ۾ ملازم هو. سلطان بهادر جي نالي پويان هن راڳڻيءَ جو نالو رکيو ويو آهي.
هن راڳڻي جي آروهيِ: ڌا پا ڌا ني سا- را گا- مي پا- ڌاني- سَا ۽ امروهيِ: سا ني ڌا - مي گا را سا آهي، جڏهن ته وادي سُر ڌيوت (مندر اسٿان) ۽ سموادي سُرگنڌار (مڌ اسٿان) آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو